گوادر ويجهو روڊ جو ڪم ڪندڙ پورهيتن تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ 9 پورهيتن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا

gawader

گوادر ويجهو روڊ جو ڪم ڪندڙ پورهيتن تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ 9 پورهيتن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا، جن جا لاش پشگان جي مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پشگان ۽ گنز روڊ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 پورهيت مارجي ويا آهن.

مارجي ويل پورهيتن ۾ صدام حسين لاکو، شعبان علي لاکو، ظهير علي، آصف، رسول بخش لاکير، عبدالحڪيم، علي دوست، محمد بخش عرف جاڙل، مولا بخش لاکير شامل آهن، جيڪي ڪنڊياري ڀرسان ڳوٺ حاجي محمد صديق لاکو  جا رهواسي آهن.

واقعي بابت اطلاع ملڻ تي مارجي ويل پورهيتن جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو آهي.

ٻئي طرف بلوچستان جي صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته ڪنهن به بلوچ سنڌين کي ناهي ماريو، دهشتگردن پاڪستانين تي حملو ڪيو آهي.

هن چيو ته پورهيت ڪنهن به صوبي مان بلوچستان ايندا هجن، اسان جا ڀائرآهن، ذميوارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

سرفراز بگٽي چيو ته گوادر واقعو سنڌين ۽ بلوچن کي ويڙهائڻ جي سازش آهي، سنڌ جي شهيد پورهيتن جي گهر وڃي سندن وارثن سان تعزيت ڪندس.

بلوچستان سرڪار جي ترجمان انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جتي پورهيتن تي هٿياربندن حملو ڪيو، اهو ڏورانهون علائقو آهي، سڪيورٽي انتظام گهٽ هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*