پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي جا روڊ ۽ گهٽيون هڪ هڪ روپئي لاءِ سڪي رهيا آهن

mustufa kamal meet ji

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته  ڪراچي جا روڊ ۽ گهٽيون هڪ هڪ روپئي لاءِ سڪي رهيا آهن، اسان اختلافن تي ڳالهيون ڪري سگهون ٿا لڙائي نه ٿا ڪري سگهون.

جماعت اسلامي جي آفيس تي پهچي نعيم الحق سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر جي لاءِ جيڪو بهتر ڪم ڪندو اسان انهن سان گڏ آهيون، ڪراچي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي حڪمرانن جي ڪن تي جون به ڪون ٿي چري.

مصطفيٰ ڪمال جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي شهر جي ڀلائي لاءِ هر ڪنهن سان ملاقاتون ڪندو رهندس.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته مئي مهيني ۾ ٿر ۾ صرف 12 ڏيهن ۾ 130 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن پر سنڌ حڪومت چئي پئي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.

حافظ نعيم چيو ته هن وقت  اختيار محدود جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر جنهن وقت اختيار لامحدود هئا ان وقت ڇا ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*