سنڌ جي سمورين انٽري پوائنٽس تي فوجي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وڃن حليم عادل شيخ

قاف ليگ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ نئون وزيرستان بڻجڻ وڃي پئي، صوبي جي سمورين انٽري پوائنٽ تي فوجي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وڃن.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته موجوده حالتن مان لڳي پيو ته سنڌ نئون وزيرستان بڻجڻ وڃي پئي، اتروزيرستان ۾ جاري پاڪ فوج جو آپريشن ضرب عضب سڄي ملڪ ۾ ڪيو وڃي.

هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سنڌ جي سمورين انٽري پوائنٽس تي فوجي چيڪ پوسٽ قائم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*