ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول جي 7 هنڌن تي بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي

LOC-India-Pak-18317

ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول جي 7 هنڌن تي بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 پاڪستاني شهري زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب  پاڪ فوج پاران ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ريحانه بي بي،ثمينه بيگم ۽ حاجي محمد يونس زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي فوج صبح 7 وڳي کان بنا جواز فائرنگ جو سلسلو شروع ڪيو، پاڪ فوج پاران ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*