ڪوٽڙي مان 3 مهينا اڳ گم ٿيل نوجوان رڪشا ڊرائيور جو قاسم آباد جي بنگلي مان لاش هٿ آيو

kotri-map

ڪوٽڙي مان 3 مهينا اڳ گم ٿيل نوجوان رڪشا ڊرائيور جو قاسم آباد جي بنگلي مان لاش هٿ آيو، پوليس نوجوان جي قتل جو شڪ ڏيکاريندي بنگلي جي ملازم، فوتي جي زال ۽ ڀيڻ سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

مسلم ٽائون واري علائقي مان 3 مهينا اڳ گم ٿيل رڪشا ڊرائيور راشد جو لاش ڪوٽڙي پوليس قاسم آباد جي هڪ بنگلي مان هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

ڪوٽڙي پوليس  بنگلي جي ملازم عبدالشڪور نهڙيو سندس دوست شاهه زمان ڦلپوٽو ، فوتي جي گهرواري ۽ ڀيڻ کي حراست ۾ ورتو آهي.

پوليس موجب خدشو آهي ته فوتي جي گهر واري گرفتار جوابدارن سان گڏجي کيس قتل ڪرايو آهي،پوسٽ مارٽم بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*