جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل جي ٻڌڻي دوران شاهد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو

khalid mehmood somro

جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل جي ٻڌڻي دوران شاهد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو.

سينٽرل جيل سکر ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران واقعي جي شاهد اقبال سومرو جو بيان قلمبند ڪيو ويو، جنهن  بعد ڪيس جي ٻڌڻي 27 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي، ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو پٽ ناصر محمود سومرو ۽ جي يو آءِ جا ڪارڪن پڻ موجود هئا.

ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 6 شاهدن جا بيان قلمبند ٿيڻا آهن، ڪيس ۾ 6 جوابدار گرفتار ٿيل آهن.

ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي 29 نومبر تي سکر ۾ مسجد ۾ فجر جي نماز پڙهندي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*