ڪنڌڪوٽ ۾ اسپيشل ايجوڪيشن جي ملازمن پاران گذريل 17 مينهن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

khandkot education

ڪنڌڪوٽ ۾ اسپيشل ايجوڪيشن جي ملازمن پاران گذريل 17 مينهن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ثناءُ الله بکراڻي، شعيب بهلڪاڻي، اقبال کوسو ۽ سعيد اعواڻ جي اڳواڻي ۾ اسپيشل ايجوڪيشن جي ملازمن پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ دانهيو ته گذريل 17مينهن کان سندن بنا جواز پگهارون بند ڪري حاضري به نه پئي ورتي وڃي.

هنن ٻڌايو ته سڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن سنڌ سندن ملازمت جي جاچ لاءِ 16هين گريڊ جو استاد مقرر ڪيو آهي جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

 هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين روڪيل پگهارون جاري ڪري معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*