سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جي نظرثاني بورڊ جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد جي نظربندي ۾ واڌ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Supreme-Lahore-rigistry-28716

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جي نظرثاني بورڊ جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد جي نظربندي ۾ واڌ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، حڪومتي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته حافظ سعيد جي جان کي خطرو آهي، سندس نظربندي واري مدي ۾ واڌ جي اجازت ڏني وڃي.

جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي نظرثاني بورڊ حافظ سعيد جي نظربندي ۾ واڌ بابت  درخواست تي ٻڌڻي هلائي.

پنجاب حڪومت جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته حافظ سعيد جي زندگي کي خطرو آهي، تنهن ڪري سندس نظربندي واري مدي م واڌ جي اجازت ڏني وڃي.

حافظ سعيد جي وڪيل اي ڪي ڊوگر اهڙي موقف کي رد ڪندي چيو ته حافظ سعيد هڪ جماعت جو سربراهه آهي ۽ هو اهڙي ڪنهن به سرگرمي ۾ ملوث ناهي، جنهن سان امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو خدشو هجي.

اي ڪي ڊوگر وڌيڪ چيو ته ڀارتي حڪومت جي دٻاءَ سبب حڪومت حافظ سعيد کي نظربند ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي.

   عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*