حافظ آباد ويجهو رشتو نه ڏيڻ تان جوابدار فائرنگ ڪري ناري کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو

hafizAbadmap02-9

حافظ آباد ويجهو رشتو نه ڏيڻ تان جوابدار فائرنگ ڪري ناري کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو.

ڳوٺ داگو سيدان ۾ جوابدار ابوبڪر سيف الله فقير جي گهر ۾ داخل ٿي سندس 17 سالن جي ڌي رضا فاطمه کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، ونيڪي تارڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي حافظ آباد اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

جوابدار ابوبڪر، سيف الله فقير کان ڌي جو رشتو گهريو هو انڪار ڪرڻ تي گهر ۾ داخل ٿي ناري رضا فاطمه کي قتل ڪري ڇڏيو.

مقتولا ناري رضا فاطمه جي سڀاڻي رخصتي هئي، واقعي کان پوءِ مقتولا جي گهر ۾ قهرام مچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*