اليڪشن ڪميشن ڌانڌلين بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ اليڪشن ٽربيونل کي درخواستون تڪڙي بنيادن تي اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن، ڌانڌلين بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ اليڪشن ٽربيونلز کي درخواستون تڪڙي بنيادن تي اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس سردار رضا جي هدايت تي اليڪشن ڪميشن پاران سمورن ٽربيونلز ڏانهن خط لکيو ويو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڌانڌلين بابت اليڪشن ٽربيونل ۾ هلندڙ درخواستون تڪڙي بنيادن تي اڪلايو وڃي، ان ۾ غير ضروري دير نه ڪئي وڃي.

اليڪشن ڪميشن، ٽربيونل کي هدايت ڪئي آهي ته اڪلايل درخواستن ۽ التوي هيٺ درخواستن جا تفصيل پيش ڪيا وڃن.

واضح رهي ته قانون تحت اليڪشن ٽربيونل 120 ڏينهن اندر درخواستن تي فيصلا ڏيڻ جا پابند آهن پر ڏيڍ سال کان وڌيڪ  جو عرصوگذرڻ باوجود ڪيتري ونئي درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*