سنڌ هاءِ ڪورٽ ڳري ٽريفڪ جي شهر ۾ داخلا تي پابندي واري ڪيس ۾ آئل ٽينڪرز کي ذوالفقار آباد منتقل

Sindh-High-Court-181016

 سنڌ هاءِ ڪورٽ ڳري ٽريفڪ جي شهر ۾ داخلا تي پابندي واري ڪيس ۾ آئل ٽينڪرز کي ذوالفقار آباد منتقل ڪرڻ سميت مائي ڪولاچي لنڪ روڊ کان پورٽ تائين روڊ تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي 2 رڪني ڊويزن بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڪي پي ٽي موقف اختيار ڪندي چيو ته هڙتال جي ڪري روزاني هڪ ارب روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن هڙتال وڌيڪ جاري رهي ته درآمدي وارين شين جي کوٽ پيدا ٿيندي.

ڪي پي ٽي وارن جو چوڻ هو ته هنن جو مقصد شهر ۾ اچڻ ناهي هڙتال کي ختم ڪرڻ جي جلد ڪوشش ڪبي.

درخواستگذار درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته ٽرانسپورٽرز جي هڙتال عدالتي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ برابر آهي.

عدالت حڪم ڏيندي چيو ته معاملي جي حل لاءِ ميئر ڪراچي جي سربراهي م هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي جنهن ۾ سڀئي اسٽيڪ هولڊر ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شامل ڪيا وڃن.

 عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي نادرن باءِ پاس ٽرمينل جي تعمير  جي متعلق حڪومت سنڌ پاران کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو وڃي.

عدالت ڳري مشينري تي پابندي برقرار رکندي آئل ٽينڪرز کي ذوالفقار آباد منتقل ڪرڻ سميت مائي ڪولاچي لنڪ روڊ کان ڪراچي پورٽ تائين روڊ تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*