لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي نون ملازمن پوسٽنگ آرڊر نه ملڻ خلاف مک گيٽ تي ڌرڻو هنيو

larkana

لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي نون ملازمن پوسٽنگ آرڊر نه ملڻ خلاف مک گيٽ تي ڌرڻو هنيو، گرمي سبب هڪ ملازم بيهوش ٿي ويو، ملازمن سومر ڏينهن کان احتجاج طور يونيورسٽي جي تالابندي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي نون ملازمن يونيورسٽي جي  مک گيٽ تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو.

جنهن دوران ملازم تنوير حسين بيهوش ٿي ويو،جنهن کي طبي امداد ڏئي هوش ۾آندو ويو.

پوسٽنگ آرڊر نه ملڻ خلاف يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم شيوا طرفان  سومر ڏينهن کان يونيورسٽي جي تالا بندي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

تنظيم جي اڳواڻن ٻڌايو ته نون ڀرتي ڪيل 350 ملازمن کي اڍائي مهينن گذرڻ کان پوءِ به پوسٽنگ آرڊر نه پيا ڏنا وڃن.

جڏهن ته ملازمن يونيورسٽي ۾ ڪيل ڀرتين جي جاچ لاِءِ صحت کاتي جي سيڪريٽري طرفان جوڙيل ٽي رڪني جاچ ڪميٽي کي رد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته نون ملازمن کي پوسٽنگ آرڊر ڏئي کين پريشاني کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*