ڳيريلو ۾ سيد برداري جي شادي شدهه ناري 20 سالن جي رابعه شاهه جي اغوا جو ڪيس دلشاد جاگيراڻي بلوچ جاگيراڻي ۽ هڪ اڻ ڄاتل جوابدارن سيمت ٽن ڄڻن خلاف ڳيريلي

gharello syed pro

ڳيريلو ۾ سيد برداري جي شادي شدهه ناري 20 سالن جي رابعه شاهه جي اغوا جو ڪيس دلشاد جاگيراڻي بلوچ جاگيراڻي ۽ هڪ اڻ ڄاتل جوابدارن سيمت ٽن ڄڻن خلاف ڳيريلي ٿاڻي تي ناري جي مڙس سراج احمد شاهه جي فرياد تي داخل ڪيو ويو جڏهن ته ڳيريلو پوليس پاران ڳري رشوت عيوض جوابدارن سان ٻٽ بڻيل هئڻ ڪري ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ناري جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناري جي والد سيد عبدالرحمن شاهه ڳيريلو شهر ۾ سيد برادري کي ساڻ ڪري پاڪ ڪتاب مٿي تي کڻي گشت ڪري زروقطار روئندي شهرين کي جوابدارن سان سوشل بائيڪاٽ ڪري مدد جي اپيل ڪئي ٻي طرف شهر جي مخلتف تنظيمن جي اڳواڻن توڙي معززين پاران سيد برادري سان ساٿ ڏيندي ٽائون ڪميٽي آفيس ۾ شهرين جو جلاس ڪوٺايو جنهن ۾ ٽائون ڪيمٽي جي چئيرمين عرفان احمد جتوئي سعيد احمد عباسي ظهور احمد ڪماريو فاروق احمد جتوئي سيد امتياز علي شاهه سيد عبدالله شاهه عزيز احمد عباسي امير احمد عرف مکڻ گاڏهي  ۽ ٻين شرڪت ڪئي جنهن ۾ متفق راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته ناري جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سان ملاقات ڪئي ويندي ۽ سڀاڻي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته شهر جي معززين پاران اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ناري جي بازيابي تائين احتجاج تحريڪ جاري رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*