دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار انيس قائمخاني کي 20 لک روپين جي ضمانت عيوض ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيندي

ATC-Karachi-171016

دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار انيس قائمخاني کي 20 لک روپين جي ضمانت عيوض ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي وسيم اختر کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ٻڌڻي 15 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

دهشتگردي توڙ عدالت جي سنگل بينچ تي مشتمل جج ٻڌڻي ڪئي،ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ انيس قائمخاني، رئوف صديقي، قادر پٽيل سليم شهزاد ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران رينجرز جي وڪيل پاران اصل جي آءِ ٽي گهرائڻ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 15 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ هو ته سڀني  مسئلن جو حل سياسي طور ڪرڻ گهرجي، 12 مئي سانحي جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

 ڊاڪٽر عاصم چيو ته مستونگ ڌدماڪي سبب حڪومت کي نقصان ٿيو ۽ ڪيتريون ئي اساني جانيون ضايع ٿيون.

انيس قائم خاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن ٿيل ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ مولانا فضل الرحمٰن سان تعايت ڪيون ٿا.

انيس قائمخاني جو چوڻ هو ته پي ايس پي هميشه شهر جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، سڀاڻي واري ڌرڻي ۾ لکين ماڻهون شريڪ ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*