جيڪب آباد ويجھو مزدا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي نوجوان فوت ٿي ويو، سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو

jacobabad

جيڪب آباد ويجھو مزدا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي نوجوان فوت ٿي ويو، سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو.

ڳوٺ ميرواهه وٽ تيز رفتار مزدا موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن ۾موٽر سائيڪل سوار ذوالفقار جکراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو،جڏهن ته سندس ڀاءُ جاويد زخمي ٿي پيو.

ڳوٺاڻن لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان وارث نوجوان جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا.

جڏهن ته زخمي جو علاج جاري آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*