اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته غيرجمهوري قوتن سان جنگ جاري رهندي

zardari peshawar

  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته غيرجمهوري قوتن سان جنگ جاري رهندي، نواز ليگ جي سوچ مارشل لا سان ملندڙ  جلندڙ آهي.

پشاور ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات دوران آصف علي زرداري چيو ته حڪومت هر شيءِ ٽيڻ تي مهانگي ٺاهي رهي آهي، اليڪشن ۾ رڳو 8 کان 9 مهينا رهجي ويا آهن.

آصف زرداري چيو ته قطر کان مهانگي گئس خريد ڪئي پئي وڃي، حڪومت قرضن مٿان قرض وٺي رهي آهي.

هن چيو ته بادشاهه سلامت کان حساب ورتو ويندو، غيرجمهوري قوتن سان جنگ جاري رهندي.

آصف زرداري چيو ته هڪ هفتي ۾ چونڊ سڌارن بابت اڳڀرائي نه ٿي عدالت وينداسين،ملڪ ۾ غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا.

آصف زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اهڙو بادشاهه حڪومت ڪري رهيو آهي، جنهن کي خبر ئي ناهي ته ڇا ڪرڻو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*