ٽنڊوڄام لڳ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ٻيهر ڪر کنيو آهي

tando jan jhero

ٽنڊوڄام لڳ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ٻيهر ڪر کنيو آهي، جنهن تان ڌرين وچ ۾ فائرنگ وقفي وقفي سان فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي.

ڳوٺ سارنگ فقير گوپانگ ۾ هڪ ڌر جي هٿياربندن تڪراري ملڪيت تي قبضو ڪيو، جنهن تان ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي.

اطلاع بعد ڊي ايس پي هوسڙي ۽ ڊي ايس پي ٽنڊو ڄام جي اڳواڻي ۾ پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهتي، پر ٿوري ئي دير بعد واپس هلي وئي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گوپانگ برادري جي ڌرين حاجي علي نواز گوپانگ ۽ سومر فقير گوپانگ ڌرين وچ ۾ گهر جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*