پ پ ۽ متحده ۾ ويجهڙائي سنڌ لاءِ بهتر آهي رحمان ملڪ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ متحده اڳواڻن سان ملاقات ڪري سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان ساڻن ڳالهيون ڪيون آهن، رحمان ملڪ چيو آهي ته ايندڙ چئن کان پنج ڏينهن اندر متحده ۽ پ پ وچ ۾ بهتري نظر ايندي.

پ پ جي سينيٽر رحمان ملڪ متحده اڳواڻڻ بابر غوري، حيدر عباس رضوي، ڪنور نويد ۽ رئوف صديقي سان ملاقات ڪئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رحمان ملڪ ۽ متحده اڳواڻن وچ ۾ سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن.

چيو پيو وڃي ته ان موقعي تي متحده اڳواڻن وري پير پاڳاري سان ٽيليفون تي رابطو ڪري سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪئي آهي.

رحمان ملڪ سنڌ اسيمبلي آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ ۽ متحده ۾ ويجهڙائي سنڌ لاءِ بهتر آهي ۽ ايندڙ چئن کان پنج ڏينهن ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ بهتري نظر ايندي.

هن چيو ته جيڪڏهن پارٽي کيس ڪا ذميواري ڏئي ٿي ته ٻئي ڪنهن کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.

رحمان ملڪ چيو ته هو سمورن مدرسن خلاف نه آهن پر جيڪي مدرسه غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*