تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 11 جون تي پارٽي جون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪندي

imran khan

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 11 جون تي پارٽي جون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ واري عدالتي فيصلي کي تسليم ڪيون ٿا،پوري قوم جون نظرون جي آءِ ٽي تي آهن.

 عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ پارٽي جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر سميت مختلف اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي کي پنهنجون تجويزون ڏينداسين، تجويزون قبول نه ڪيون ويون ته ٻئي فورم جو سوچينداسين.

 پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته هن ڀيري  2013 جهڙيون چونڊون ٿيڻ نه ڏينداسين، ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو هق ملڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته پوري قوم جون نظرون جي آءِ ٽي ۾ آهن، جي آءِ ٽي جي جاچ جو نتيجو عوام آڏو پڌرو ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو  ته ڊان ليڪس ۽ ميمو گيٽ اسڪيندل ۾ ڪو به فرق ناهي، ڊان ليڪس حڪومت ۽ فوج جو نه پر قومي سلامتي جو معاملو آهي، ان جي رپورٽ عوام آڏو پڌري ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*