سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته، ملڪ جي موجوده صورتحال ماضي جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي

Raza-Rabani-14317

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي  ته، ملڪ جي موجوده صورتحال ماضي جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي، حڪومت کي پارليامينٽ ذريعي سمورن ادارن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.

ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته، ملڪ جي موجوده صورتحال ماضي جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي، اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي.

رضا رباني چيو ته ننڍي کنڊ ۾ امن لاءِ ڪشمير تڪرار جو نبيرو ضروري آهي، ڪشمير مسئلي جي حل تائين ڀارت سان لاڳاپا سخت رهندا.

هن چيو ته حڪومت کي پارليامينٽ ذريعي سمورن ادارن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*