متحده ايم اين اي نبيل گبول استعيفا ڏيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

متحده ايم اين اي نبيل گبول استعيفا ڏيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته نه استعيفا ڏني آهي ۽ نه وري رابطه ڪميٽي سان ڪي اختلاف ئي آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده ايم اين اي نبيل گبول  پنهنجي استعيفا رابطه ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏي آهي.

نبيل گبول استعيفا وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته نه کانئس استعيفا گهري وئي آهي ۽ نه وري هن استعيفا ڏني آهي.

نبيل گبول رابطه ڪميٽي سان اختلافن وارين خبرن جي پڻ ترديد ڪئي آهي.

نبيل گبول 2013 جي چونڊن کان اڳ پيپلز پارٽي ڇڏي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي ڪراچي جي عزيز آباد واري تڪ تان ايم اين اي چونڊيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*