ميهڙ ۾ دڪان تي حملو ڪري 3 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف کوسا برادري جي ماڻهن طرفان ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

mehar kosa biradri pro

ميهڙ ۾ دڪان تي حملو ڪري 3 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف کوسا برادري جي ماڻهن طرفان ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڀٽي روڊ تي 5 ڏينهن اڳ ٿڌي بوتل نه ملڻ جي معاملي تان دڪان تي حملو ڪري ٽن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف زخمي دڪاندارن جي وارث عورتن ۽ ٻارن پاڪ ڪتاب کڻي غلام عباس کوسو ، مسمات بچل ۽ ارشاد خاتون جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته دڪان تي حملو ڪري3 ڄڻن نينگر ظهير کوسو ، مٺار پنهور ۽ محسن کوسو کي  زخمي ڪرڻ جو ڪيس  5 جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي، پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه  آهي .

هنن مطالبو ڪيو ته  ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*