تيل اگهن ۾ گهٽتائي سان پنجاب جي معيشيت کي فائدو پهچندو شهباز شريف

پنجاب حڪومت، تيل اگهن  گهٽجڻ باوجود واڌو  اگهه وٺندڙن کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ قانونسازي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيارڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي صدارت هيٺ پرائيس ڪنٽرول بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تيل اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ عام واهپي جي شين ۽ ٽرانسپورٽ ڀاڙا گهٽائڻ واري معاملن تي ويچاريو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تيل اگهن ۾ گهٽتائي باوجود صوبي اندر واڌو ڀاڙا ۽ اگهه وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي ويندي.

اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته تيل اگهن ۾ گهٽتائي سان پنجاب جي معيشت کي 4 سئو ارب جو فائدو پهچندو.

هن چيو ته ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ گهٽتائي لاءِ کنيل قدمن تي عملدرآمد ڪرايو ويندو، واڌو ڀاڙا وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

شهباز شريف چيو ته لاڳاپيل ادارا عوام  کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ، هـُو رڳو ڪاغذي ڪارروائي نه پر نتيجا چاهي ٿو، ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*