جھمپير ۾ بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين مان 86 پورهيتن کي بيروزگار ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف پورهيتن ۽ مقامي ماڻهن ونڊ مل جي گيٽ آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

thatta jampher pro

جھمپير ۾ بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين مان 86 پورهيتن کي بيروزگار ڪرڻ  ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف  پورهيتن ۽ مقامي ماڻهن ونڊ مل جي گيٽ آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي جھمپير جي آسپاس هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ لڳايل ڏيهي توڙي پرڏيهي ونڊ مل ڪمپنين ۾ مقامي پورهيتن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ماسٽر ونڊ مل ڪمپني مان 86 مقامي پورهيتن کي بيروزگار ڪرڻ خلاف سوين پورهيتن ۽ ڪوهستان واسي ڳوٺاڻن  مير محمد برفت، شاھ محمد چانگ ، محمد بخش بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ونڊ مل ڪمپني جي ٻاهران مک گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوهنيو.

ان موقعي تي  اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايوته ماسٽر ونڊ مل پراجيڪٽ مان 86 مقامي پورهيتن کي بنا ڪنهن سبب جي بيروزگار ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سندن گھرن ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته ونڊ مل ڪمپنيون روزگار ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت مقامي ماڻهن سان ڪيل معاهدي تي پڻ عمل نه ڪري رهيون آهن، جنهن جي ڪري ڳوٺن کي پيئڻ جي پاڻي، روڊ ، صحت ۽ تعليم جي سهولت به نه پئي ڏني وڃي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بيروزگار ڪيل پورهيتن کي بحال ڪري مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*