ڏوڪري واسين پاران زمين تي قبضي ۽ بااثر وڏيري جي ناانصافين خلاف ڪراچي ۾ بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي

khi larkana wasi pro

ڏوڪري واسين پاران زمين تي قبضي ۽ بااثر وڏيري جي ناانصافين خلاف ڪراچي ۾ بک هڙتال شروع  ڪئي وئي آهي.

ڳوٺ سائينڏني جوڻيجي جي رهواسين محمد نواز سرگاڻي ۽ علي بخس سرگاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن الزام هنيو ته بااثر وڏيري سندن 32 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي، پوليس به وڏيري جي مدد ڪري رهي آهي.

ڳوٺاڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي بااثر وڏيري خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*