سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي 26 مئي تائين ملتوي ٿي وئي

Sindh-High-Court-17117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي 26 مئي تائين ملتوي ٿي وئي.

جسٽس جنيد غفار جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ڊاڪٽر عاصم حسين جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، پر ڊاڪٽر عاصم جو نالو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي شامل ڪيو ويو آهي.

نيب جي وڪيل چيو ته ڊاڪٽر عاصم خلاف 2 ريفرنس داخل ٿيا، هڪ ريفرنس ۾ 462 ارب ۽ بي ريفرنس ۾ 17 ارب روپيا ڪرپشن جو الزام آهي، پر ڪو به الزام ثابت  ناهي ٿيو.

عدالت نيب جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي ان بابت ٻڌايو؟

عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ٻن درخواستن تي ڊاڪٽر عاصم حسين جي حق ۾ فيصلو اچي چڪو آهي.

عدالت درخواست جي ٻڌڻي 26 مئي تائين ملتوي ڪري  ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*