اڳوڻي چيف جسٽس، افتخار چوڌري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي

iftikhar chodhary meet fazal rehman

اڳوڻي چيف جسٽس، افتخار چوڌري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سندن جماعت پاڪستان کي امن جو ملڪ بڻائڻ چاهي ٿي، مستونگ جهڙا واقعا کين مقصد تان هٽائي نه ٿا سگهن.

اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ افتخار چوڌري مستونگ حملي ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سندن جماعت پاڪستان کي امن جو مرڪز بڻائڻ سان گڏ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهين ٿا.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته مستونگ ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙا واقعا کين مقصد تان هٽائي نه ٿا سگهن.

اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري چيو ته بلوچستان ۾ امن امان بابت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رپورٽ تي عمل ڪيو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*