وفاقي سرڪار رمضان دوران به سنڌ ۽ ڪي پي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري رکڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Abid-Sher-Ali-51116

وفاقي سرڪار رمضان دوران به سنڌ ۽ ڪي پي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري رکڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، ملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ملڪ ۾ رمضان دوران افطاري ۽ سحري وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته ماضي ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت 20  ڪلاڪن تائين هوندو هو، جنهن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته هو رمضان شريف کان اڳ بجلي نظام جو جائزو وٺي رهيا آهن،  بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي نگراني به ڪئي پئي وڃي.

عابد شير علي چيو ته ڪي پي ۽ سنڌ ۾ لائن لاسز وڌيڪ آهي، جن به علائقن ۾ لائن لاسز ۽ بل جي ادائيگي نه ٿيندي انهن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.

مملڪتي وزير چيو ته ملڪ ۾ رمضان دوران افطاري ۽ سحري وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*