سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نوابشاهه ۾ معذور نينگرري سان ڏاڍائي جو نوٽيس وٺندي

  Supreme-Court-18816

        سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نوابشاهه ۾ معذور نينگرري سان ڏاڍائي جو نوٽيس وٺندي، آءِ جي کان واقعي جي هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار نوابشاهه ۾ 12 ورهين جي معذور نينگري سان ڏاڍائي واري واقعي جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد نينگري جي وارثن جي مطالبي تي واقعي جو  نوٽيس ورتو آهي .

پڌرائي موجب جسٽس ثاقب نثار آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي واقعي بابت هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ  ڏنوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*