اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ آئون، بلاول ۽ آصفه سميت سڀ ميدان ۾ لهنداسين

asif zardari

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ آئون، بلاول ۽ آصفه سميت سڀ ميدان ۾ لهنداسين، رڳو نوازشريف جو  ئي نه پر سڀني جو شو ختم ٿي ويو آهي، هاڻي عوام جو شو ٿيندو، پارٽي جوش سان نه پر هوش سان هلندي.

پشاور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته پ پ پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ منظور ڪرايو، جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي، چاهيان ٿو ته هاري ۽ غريب جو پٽ وزير بڻجي.

اڳوڻي صدر چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ ڀرپور انداز ۾ سامهون ايندي ۽ آئون، بلاول ۽ آصفه سميت سڀ ميدان ۾ لهنداسين.

هن چيو ته پيپلز پارٽي کي يوسي سطح تي فعال ڪرڻو آهي، پارٽي جوش سان نه پر هوش سان هلندي.

هن جو چوڻ هو ته فاٽا کي صدر ۽ گورنر جو غلام نه هجڻ گهرجي، چاهيان ٿو ته فاٽا ۾ به هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ هجي.

هن چيو ته پختونن کي پيپلز پارٽي سڃاڻپ ڏني، اڪيلو ڪمزور آهيان، عوام جي طاقت مضبوط ڪيو.

اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته چينين کي به خبر آهي ته سي پيڪ مان ڪميشن ورتي ويندي، پر اهي اِن طرف ڌيان نه پيا ڏين.

آصف زرداري چيو ته رڳو نوازشريف جو  ئي نه پر سڀني جو شو ختم ٿي ويو آهي، هاڻي عوام جو شو ٿيندو.

هن چيو ته پهرئين ڏينهن کان خبر هئي ته موجوده حڪومت نا اهل آهي، عوام کي اميد نه رکڻ گهرجي، پيپلز پارٽي حڪومت ۽ پاڪستان ٺاهي ڏيکاريندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*