آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته طالبان ۽ حقاني پاڪستان جا دوست نه آهن

azaz-chudhry

آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته طالبان ۽ حقاني پاڪستان جا دوست نه آهن، پاڪستان آمريڪا جو هر موقعي تي ساٿ ڏنو  آهي.

واشنگٽن ۾ آرمي معاملن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعزاز چوڌري چيو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڏي اهميت جا رکن ٿا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان آمريڪا جو هر موقعي تي ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ بهتر لاڳاپا آهن.

اعزاز چوڌري چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.

آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير چيو ته طالبان ۽ حقاني پاڪستان جا دوست نه آهن، پاڪستان هميشه امن جو پيغام ڏنو آهي.

اعزاز چوڌري چيو ته افغان بارڊر تي 15 سالن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن سان هڪ ڏينهن ۾ 15 هزار ماڻهو بارڊر تان گذري سگهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*