روهڙي ۽ صالح پٽ پوليس مبينا مقابلن بعد ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

rohri

روهڙي ۽ صالح پٽ پوليس مبينا مقابلن بعد ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته روهڙي  واري علائقي ۾ مقابلي بعد وسيم قاضي نالي هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون.

پوليس موجب صالح پٽ ڀرسان به  مقابلي بعد جوابدار لياقت قاضي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن مٿان سکر ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*