وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستاني معيشت 2013 جي ڀيٽ ۾ هاڻي وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي

pm meet chaina meet

وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستاني معيشت 2013 جي ڀيٽ ۾ هاڻي وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي، سي پيڪ سبب پاڪستان ۽ چين ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، حڪومت عوام کي بااختيار بڻائڻ سان گڏ خوشحال ڪرڻ واري عزم تي قائم آهي.

هنگ زو ۾ ناليواري ڪامرس ڪمپني علي بابا گروپ جي هيڊ ڪوارٽرز دورو ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته  چين کان ملندڙ هڪ هڪ رپئي کي امانت طور استعمال ڪيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اي ڪامرس جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو وسيع موقعا موجود آهن، گذريل چار سالن دوران اي ڪامرس کي بنيادي ڌانچو فراهم ڪيو آهي.

هن چيو ته اي ڪامرس کان وقت جي بچت ۽ معلومات تائين آشان رسائي ممڪن ٿي آهي، آءِ ٽي کي هٿي وٺرائڻ سان ڊجيٽل ٽرانزيڪشنز ۾ مدد ملي آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستاني معيشت 2013 جي ڀيٽ ۾ هاڻي وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي، سي پيڪ سبب پاڪستان ۽ چين ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن،

نوازشريف چيو ته جنوري ۾ علي بابت گروپ جي چيئرمين سان ٿيل ملاقات فائديمند ثابت ٿي، اي ڪامرس ۾ علي بابت گروپ جي ايگزيڪٽو چيئرمين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*