برطانوي پوليس جي هيٿرو ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي اڏام جي حراست ۾ ورتل عملي جي 13 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي پر سندن پاسپورٽ واپس نه ڪيا ويا آهن

PIA-PK788-131216

برطانوي پوليس جي هيٿرو ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي اڏام جي حراست ۾ ورتل عملي جي 13 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي پر سندن پاسپورٽ واپس نه ڪيا ويا آهن.

لنڊن کان لاهور ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 758 کي اڏام کان اڳ هيٿرو ايئرپورٽ تي روڪيو ويو ۽ سمورن مسافرن کي آف لوڊ ڪرڻ بعد جهاز جي مڪمل تلاشي ورتي وئي ۽ عملي جي 13 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو هو.

پوليس موجب پي آءِ اي جي اڏام کي متبادل عملي ذريعي لاهور روانو ڪيو ويو ۽ حراست ۾ ورتل عملي جي 13 ڄڻن کي به پڇا ڳاڇا کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، جيڪي هوٽل روانا ٿي ويا، عملي کي پاسپورٽ واپس نه ڪيا ويا آهن، جنهنڪري وطن واپسي جي اجاز باوجود اهي پاڪستان روانا نه ٿي سگهيا.

برطانوي پوليس موجب پي آءِ اي جي اڏام کي ڳجهي اطلاع تي روڪي تلاشي ورتي وئي هئي، پي آءِ اي موجب تلاشي دوران برطانوي پوليس کي ڪجهه به نه مليو آهي ۽ معاملي جا اصل سبب معلوم ڪيا پيا وڃن ۽ پوليس پاران سندن عملي سان خراب ورتاءُ تي احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*