ڪراچي شهر ۾ هيوي ٽريفڪ تي پابندي خلاف گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جو اڄ نائين ڏينهن به احتجاج جاري آهي

gadderz hartal

ڪراچي شهر ۾ هيوي ٽريفڪ تي پابندي خلاف گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جو اڄ نائين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پورٽ تي ڪنٽينرز جون قطارون لڳي ويون  آهن، ٽرانسپورٽ اتحاد جي چيئرمين شمس شيواني چيو ته 72 ڪلاڪن تائين ٽرانسپورٽرن جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته ڪراچي شهر جا روڊ رستا بند ڪيا ويندا.

گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي احتجاج سبب ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن سامان جي فراهمي مسلسل نائين ڏينهن کان معطل آهي.

جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٽرانسپورٽ اتحاد جي چيئرمين شمس شيواني چيو ته 72 ڪلاڪن تائين ٽرانسپورٽرن جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ڪراچي شهر روڊ رستا بند ڪيا ويندا.

شمس شيواني چيو ته بلاول هائوس اڳيان ڌرڻو به هنيو ويندو، جستائين شهر مان هيوي ٽريفڪ تان پابندي ختم نه ٿيندي، تيستائين سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*