پنجاب جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا

chakwal me road hadso

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

چڪوال جي مونا واري علائقي ۾ ٽرڪ ۽ وين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي چڪوال اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، زخمين کي طبي امداد فراهم  ڪئي پئي وڃي.

ٻي طرف راجن پور ۾ انڊس هاءِ وي تي بس جي ٽڪري جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار شخص زخمي ٿي پيو.

هوڏانهن لاهور  ۾  مختلف روڊ حادثن ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*