لعلو رائنڪ ويجهو 18 ورهين جي ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي ڳوٺاڻن سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

lalurakain

لعلو رائنڪ ويجهو 18 ورهين جي ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي ڳوٺاڻن سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ ستو ماڇي ۾ جوابدار نصرالله سولنگي هاشم سولنگي جي گهر ۾ داخل ٿي 18 ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي.

ناري جي رڙين تي ڳوٺاڻن پهچي جوابدار نصرالله کي پسٽل سميت سوگهو ڪري ورتو، جنهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو.

متاثر ڳوٺاڻي جو چوڻ آهي ته جوابدار پسٽل سميت گهر ۾ داخل ٿيو، سندس خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*