افغانستان جي سڪيورٽي فورسز جي چمن جي سرحدي علائقي تي فائرنگ واري واقعي بعد پاڪ افغان باب دوستي بارڊر اڄ 12هين ڏينهن به بند آهي

afghan border

افغانستان جي سڪيورٽي فورسز جي چمن جي سرحدي علائقي تي فائرنگ واري واقعي بعد پاڪ افغان باب دوستي بارڊر اڄ 12هين ڏينهن به بند  آهي، ڪلي لقمان ۽ ڪلي جهانگير ۾ آدمشماري وارو عمل شروع نه ٿي سگهيو آهي.

پاڪ افغان باب دوستي بارڊر بند هجڻ سبب نيٽو سپلاءِ بند آهي، جڏهن ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ سميت ٻه طرفي تجارت به معطل آهي.

پاڪ افغان باب دوستي بارڊر تان انساني همدردي جي بنياد تي بيمار افعان شهرين کي اچڻ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

باب دوستي 12 هين ڏينهن به بند ٿيڻ سبب واپاري سرگرميون به معطل آهن، جڏهن ته گاڏين جي اچ وڃ به بند آهي.

باب دوستي بارڊر بند ٿيڻ سبب نيٽو سپلا فراهمي معطل آهي، جڏهن ته ٻنهي پاسن کان گاڏين جون به قطارون لڳيون ويون آهن.

چمن جي ڊپٽي ڪمشنر قيصر ناصر چيو آهي ته افغان شيلنگ سان متاثر علائقن ۾ امدادي شيون ورهايون ويون آهن.

چمن جي ڪلي لقمان ۽ ڪلي جهانگير وارن علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن بعد آدمشماري وارو عمل روڪيو ويو هو، جيڪو هن وقت تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*