سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪراچي جي گهٽ آمدني وارن علائقن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي وڪيلن جي هڙتال سبب 24 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪراچي جي گهٽ آمدني وارن علائقن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي وڪيلن جي هڙتال سبب 24 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.
جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ڊبل بينچ پائلر سربراهه ڪرامت علي پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت درخواست جي ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سماجي تنظيم پائلر جي سربراهه ڪرامت علي ڪراچي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.