ڪوٽ غلام محمد ويجھو ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو

Accident-Road-27217

ڪوٽ غلام محمد ويجھو ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

ميرپور خاص روڊ تي ٻيلاڙو شاخ وٽ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ محمد يونس آرائين ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

فوتي جو لاش ميرپور خاص جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش ڪوٽ غلام محمد نيو ويو.

فوتي ڪوٽ غلام محمد تعلقي اسپتال ۾ڊسپينسر هو، ڪوٽ غلام محمد کان ميرپور خاص وڃي رهيو هو ته ٻيلاڙو شاخ وٽ سندس موٽر سائيڪل کي ڪار ٽڪر هنيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*