ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان ۽ ٻين جي گرفتاري

ATC Karachi

ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان ۽ ٻين جي گرفتاريءَ بابت پوليس جي رپورٽ رد ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو ٽاسڪ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ڊي جي رينجرز کي گهربل جوابدار گرفتار ڪري 31 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ميڊياهائوسز تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي  دوران پوليس پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ عامر خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي رينجرز کي حڪم ڏنو ته سڀني مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

عدالت جوابدارن جي گرفتاري جو ڊي جي رينجرز کي ٽاسڪ ڏيندي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*