تحريڪ انصاف ڊان ليڪس رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

national assembly

تحريڪ انصاف ڊان ليڪس رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري مطالبو ڪيو آهي ته ڊان ليڪس جي جاچ رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي. گهرو وزير معاملي کي قومي سلامتي جي ابتڙ قرار ڏنو آهي ۽ طارق فاطمي کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي.

شيرين مزاري وڌيڪ چيو آهي ته ڊان ليڪس معاملو بند ڪمري ۾ حل ڪيو ويو، جنهن جا ڪي تفصيل نه آهن،  جيڪڏهن معاملو قومي سلامتي جو نه هو ته گهرو وزير پنهنجو موقف ڇو تبديل ڪيو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ سوال ڪندي چيو ته جيڪڏهن خبر غلط هئي ته پوءِ جاچ ڪئي وڃي ته ڪوڙي خبر ليڪ ڪرڻ جو ذميوار ڪير هو.

اسد عمر چيو ته معاملو ٽوئيٽ واپس وٺڻ سان حل نه ٿيو آهي، ان خبر کي ڀارت تمام گهڻو کنيو آهي، جنهن سان ملڪ بدنامي ٿي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*