خيرپور جي عدالت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي فوزيه چنڙ کي سندس خواهش موجب وارثن حوالي ڪرڻ ۽ پوائنٽ بس ڪنڊيڪٽر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

khairpur fozia chaner

خيرپور جي عدالت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي فوزيه چنڙ کي سندس خواهش موجب وارثن حوالي ڪرڻ ۽ پوائنٽ بس ڪنڊيڪٽر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

10 ڏينهن اڳ ٺارو شاهه کان شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ويندي فوزيه چنڙ گم ٿي وئي هئي، جنهن جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.

خيرپور پوليس ڪراچي جي هڪ هوٽل تي ڇاپو هڻي فوزيه چنڙ ۽ پوائنٽ بس ڪنڊيڪٽر عبدالطيف کوسي کي هٿ ڪيو  هو.

پوليس ناري فوزيه چنڙ ۽ بس ڪنڊيڪٽر عبداللطيف کوسي کي خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪجهه دير رکڻ بعد ايڊيشنل سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ، جتي شاگردياڻي جو بيان ورتو ويو.

عدالت ۾ بيان ڏيندي شاگردياڻي فوزيه چنڙ چيو ته کيس ڪنهن به اغوا نه ڪيو هو، هوءَ پنهنجي مرضي سان ڪراچي وئي هئي.

هن عدالت کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي والدين سان رهڻ چاهي ٿي، پر جيڪڏهن عبداللطيف کوسو رشتو اماڻيو ته هو ساڻس شادي ڪندي.

عدالت ناري جو بيان ٻڌڻ بعد بس ڪنڊيڪٽر کي آزاد ڪري مٿس داخل ڪيل ڪيس ختم ڪرڻ ۽ شاگردياڻي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

فوزيه چنڙ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ باٽني شعبي جي شاگردياڻي آهي، جيڪا 10 ڏينهن اڳ ٺارو شاهه کان يونيورسٽي ويندي رستي تان گم ٿي وئي هئي، سندس وارثن اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*