ٺٽي ويجھو ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ پنهجي ننڍي ڀاءُ تي ٽرڪ چاڙهي کيس قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي

thatta nojawan qata;l

ٺٽي ويجھو ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ پنهجي ننڍي ڀاءُ تي ٽرڪ چاڙهي کيس قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي.

سونڊا ويجھو ڳوٺ ٺينگا ۾ ملڪيت جي تڪرار تان پير بخش ٺينگي پنهنجي ڀاءُ عبدالڪريم ٺينگي تي ٽرڪ چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ عبدالڪريم ٺينگو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

اطلاع تي سونڊا پوليس پهچي لاش کي  تحويل ۾ وٺي پوسٽ  مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو .

پوليس موجب جوابدار  پير بخش کي گرفتار ڪري ٽرڪ تحويل ۾ ورتي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*