سنڌ اسيمبلي صوبي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ قيمتن ۾ واڌ خلاف ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪري ورتو

cm

 سنڌ اسيمبلي صوبي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ قيمتن ۾ واڌ خلاف ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪري ورتو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي جون رهتون ادا ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، شڪايتن باوجود وفاقي سرڪار ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

 سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ  ٿيو، سوالن جوابن جي وقفي دوران صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۾ ٻارڙن کان جبري پورهيت وٺڻ جو قانون موجود آهي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي.

اجلاس ۾ خرم شيرزمان ڪورم پورو نه هجڻ واري نشانڌهي ڪئي پر ان باوجود اجلاس جاري رهيو، اجلاس ۾ سيد سردار احمد چيو ته اسيمبلي ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌائي ته چين ۾ سندس ڪهڙيون مصروفيتون هيون ۽ ڪهڙا معاهدا ٿيا.

وڏي وزير چيو ته  چين جي دوري بابت  ايندڙ اجلاس ۾ آگاهي ڏيندس، هن چيو ته سنڌ ۾ 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي جنهن بابت وفاق کي آگاهه ڪيو آهي.

وڏي وزير چيو وفاق کي ٻڌايو ويو آهي ته گيس مان بجلي سستي ٺهندي آهي،  ۽ سنڌ ۾ گيس تي بجلي ٺاهي پئي وڃي.

وڏي وزير اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته  ڪالهه به وفاق سان بجلي جي قيمتن ۽ لوشيڊنگ بابت ڳالهايو ويو هو.

اسيمبلي ۾  خرم شيرزمان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ قيمتن ۾ واڌ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي اسيمبلي يڪراءِ سان منظور ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*