پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته هو چئن ڏينهن کان ڪي پي ۾ آهي پر کيس ڪا به تبديلي نظر نه آئي آهي

asif zardari

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته هو چئن ڏينهن کان ڪي پي ۾ آهي پر کيس ڪا به تبديلي نظر نه آئي آهي، وزيراعظم نوازشريف مشڪل ۾ آهي، کيس نيويارڪ ٽائيمز ۾ لڳل آرٽيڪل جو جواب ڏيڻ گهرجي.

عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر نائب صدر حاجي غلام احمد بلور سان سندس گهرواري وفات تي تعزيب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته  سندس ڪي پي سان پراڻو واسطو آهي، هن سياست به حاجي غلام احمد بلو کان سکي آهي.

آصف زرداري جو چوڻ هو ته نوازشريف کان وڌيڪ چين جا دوراهن ڪيا آهن، وفاقي سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪندي يا نه اهو ا ته صرف الله ئي ڄاڻي ٿو.

هن چيو ته نوازشريف مشڪل ۾ اچي ويو آهي، هاڻ کيس نيويارڪ ٽائيمز لڳل آرٽيڪل جو جواب به ڏيڻ گهرجي.

پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته هي ڌرتي سندس ماءُ آهي، پشاور سان پراڻو واسطو آهي.

آصف علي زرداري چيو ڪي پي ۾ ڪا به تبديلي نظر نه آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*