سڌ سماءُ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان بنا تحقيق جي ڳالهه ڪري رهيو آهي

mariyam oranzaib

سڌ سماءُ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان بنا تحقيق جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ پهرين ڊان ليڪس جي پيرا 18 کي پڙهي بعد  ۾ رپورٽ آڻڻ جو مطالبوڪري.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اسلام آباد جي 422 اسڪولن کي ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته هو پرائيوٽ سيڪٽرن جي خدمتن کي خراج پيش ڪن ٿا، ايجوڪيشن ايڪسپو منعقد ڪرائيندڙن کي هو واڌايون ڏين ٿا.

هن چيو ته ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي بين الاقوامي معيار موجب بڻايو ويندو.وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن کي فراهم ڪيو پيو وڃي.

اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ مونٽيسري ڪلاسز جي شروعات ڪئي وئي آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان تحقيق نه ٿو ڪري ۽ نه ئي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ڪا تحقيق ڪن ٿا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*