شڪارپور ۾ وڪيل الله بخش بروهي جي قتل واري واقعي خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن مختلف شهرن ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو

Sindh-high-Court-19417

شڪارپور ۾ وڪيل الله بخش بروهي جي قتل واري واقعي خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن مختلف شهرن ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو،جنهن جي نتيجي ۾ مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿي نه سگهيون آهن .

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿي نه سگهيون آهن.

لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ، سيشن ڪورٽ سميت ٻين ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.

  شڪارپور ۾ وڪيلن سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل گداحسين بلوچ ۽ نذير حسين ڀيو چيو ته وڪيل الله بخش بروهي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي.

وڪيل اڳواڻن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*