ميرپورخاص ۽ ٿاڻي بولا خان ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ڇاپا هڻي پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيس ۽ مختيار ڪار آفيس جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

thano bhola khan

ميرپورخاص ۽ ٿاڻي بولا خان ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ڇاپا هڻي پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيس  ۽ مختيار ڪار آفيس جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

ميرپور خاص ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ڊپٽي ڊائريڪٽر رفيق احمد ميمڻ جي قيادت ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي مختلف ترقياتي رٿائن جي ٺيڪن بابت ٻن سالن جو رڪارد تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

ڊپٽي ڊائريڪٽر رفيق احمد ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٺيڪن ڏيڻ ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪري رڪارڊ تحويل م ورتو آهي، وڌيڪ ڪارروائي بابت فيصلو رڪارڊجي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.

جڏهن ته ٿاڻي بولا خان م اينٽي ڪرپشن پوليس مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ مختيار ڪار آفيس تي ڇاپو هڻي اڻ سروي زمين جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي  ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*