لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف ايم ايس جي مبينا زيادتين خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ان کي تالا هڻي ڇڏيا ويا

larkana pre medical

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف ايم ايس جي مبينا زيادتين خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ان کي تالا هڻي ڇڏيا ويا، جڏهن ته ايم ايس حامي ملازمن جي مدد سان تالا ٽوڙائي ڇڏيا.

چانڊڪا جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف عملي ذوالفقار سهتي ۽ غلام رسول جلباڻي جي اڳواڻي ۾ ايم ايس عنايت ڪانڌڙي جي مبينا زيادتين خلاف ڪم ڇڏي او پي ڊي کي تالا هڻي ڇڏيا.

مريضن جي شڪايت تي ايم ايس چانڊڪا حامي ملازمن سان گڏ پهچي او پي ڊي جا تالا ٽوڙايا، جنهن تان ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن چانڊڪا اسپتال پهچي احتجاج ڪندڙن ۽ ايم ايس جي حامي ملازمن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*